مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي ۽ رهندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن جي آزاد ڪشمير جي دوري جي موقعي تي آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي ۽ رهندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ انجنيئر امير مقام کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پناهگيرن جا مسئلا ۽ خدشا حل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي سندس ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي حمايت کي ساراهيو. حريت اڳواڻن گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي ڪشمير مسئلو عالمي برادري آڏو اجاگر ڪرڻ تي پڻ وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، انجنيئر امير مقام، عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير اڳواڻ غلام نبي صفي، ايڊووڪيٽ پرويز، اعجاز رحماني، سيد گلشن، محمد اشرف ڊار، شاهين اقبال، مشتاق احمد، خورشيد احمد خان ۽ راجا خادم حسين شاهين شريڪ هئا.