مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جڏهن آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي پهتو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سندس شاندار استقبال ڪيو، کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو، پوليس جي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا ترانا پڻ وڄايا ويا. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ راڻا تنوير حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.