مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهه ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو پوندو، ڀارت ۽ هن خطي جي بهترين مفاد ۾ اهو ئي آهي ته هو 5 آگسٽ 2019ع جي سوچ کان ٻاهر نڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ڪيل قراردادن تي عمل، ڪشميرين ۽ دنيا سان ڪيل پنهنجي واعدن کي پورو ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهيون ڪري، جڏهن ضرورت پئي ته اسان پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پوري قوت استعمال ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 5 فيبروري تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، ڪشميري ڀائرن سان پنهنجي، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته 5 فيبروري اسان جي پختي عزم جي تجديد ۽ خاطري جو ڏينهن آهي ڇو ته ”نعرو نه ايمان آهي هي آزادي جي متوالن جو، ڪشمير جو ذرو ذرو آهي ڪشمير جي رهندڙن جو.“ هن چيو ته اڄ انهن عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ پنهنجي رت سان آزادي جا نه وسارڻ جوڳا داستان لکيا، نوجوان برهان واني شهيد کان وٺي مرد مجاهد سيد علي گيلاني تائين ڪشميري بهادر ٻارن، ٻارڙين کان وٺي آسيه اندرابي، بهادر ۽ بي خوف ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق سميت آزادي جي جدوجهد جي هر قائد، ڪارڪن، شهري، صحافي ۽ هر ٻار کي سلام پيش ڪريون ٿا، اسان ان جدوجهد ۾ توهان سان گڏ بيٺل آهيون جيستائين واديءَ ۾ شهيدن جي رت جي ڪري ڪشميرين کي آزادي جو حق نه ٿو ملي وڃي ۽ اهي سرخرو نه ٿا ٿين. هن چيو ته ڪشميرين جي ولولي انگيز جدوجهد ڀارتي فوجين جي غرور کي شڪست ڏني آهي، ظلم ۽ ڏاڍ وڌائڻ جي باوجود اڄ به غاصب ڀارت جي فوجي ڏاڍ جي سامهون ڪشميرين جي آزادي جو عزم مضبوط آهي. وزيراعظم چيو ته آزادي جي نعري جي شدت هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌندي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير ۾ موجود پنهنجي لکين فوجين ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو پيو وڃي پر ٻئي طرف بهادر ڪشميرين جي آزادي جي تڙپ اڃا به وڌندي پئي وڃي. هن چيو ته 5 فيبروري ڀارت کي پڪاري پڪاري ياد ڏياري ٿو ته ڪنهن به 5 آگسٽ سان ڪشمير ان جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي ۽ نه ئي ڪشميري ان کي مڃن ٿا ۽ نه ئي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سميت دنيا ان کي مڃي ٿي ۽ نه ئي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام ان کي مڃي ٿي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو، پاڪستان جي ڪشمير سان تعلق کي ان کان بهتر ۽ جامع لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، اهو ئي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي، باباءِ قوم حضرت قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ٺاهيندڙن سان گڏجي اها پاليسي ٺاهي هئي جنهن تي رياست پاڪستان قائم هئي، آهي ۽ رهندي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب راءِ جي حق جي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي استعمال جي ذريعي ٿيندو، هن خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن جي ضمانت جو اهو ئي واحد حل آهي. هن چيو ته ڪشمير جو هي تڪرار رڳو هڪ زميني خطي جو مسئلو نه آهي پر هي هن وطن جي اصل مالڪ عوام جي جمهوري حق جو مسئلو آهي جنهن کي پوري دنيا تسليم ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جي مرضي سان جيئڻ جو اهو جمهوري حق ملڻ دنيا جي جمهوريت پسندي جو امتحان آهي، فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام جي جمهوري حق جي حمايت پوري دنيا جا جمهوري مزاج ادارا، تنظيمون، عالمي اصول، عالمي قانون ۽ مهذب انسان ڪن ٿا، ڪنهن ملڪ يا قوم کي اهو حق نه آهي ته اهو فوجي قوت جي بنياد تي ڪنهن ٻئي خطي ۽ اتان جي رهندڙن کي غلام بڻائي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جمهوريت جا اهي ئي اصول لاڳو ڪرڻا پوندا جن کي پوري دنيا تسليم ڪري ٿي، انهن تي يقين رکي ٿي ۽ انهن جي تبليغ ڪري ٿي، دنيا ۾ ٻه جدا جدا اصول، انصاف ۽ جمهوريت جا ٻه جدا جدا معيار ۽ عالمي قانون لاڳو ڪرڻ ۾ فرق قبول نه آهي. هن چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهه ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو پوندو، اها ئي انصاف، جمهوريت ۽ عالمي قانون جي گهرج ۽ انسانيت جو مطالبو آهي جنهن جي لاءِ اسان دنيا جي هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ان جو ئي مون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، او آءِ سي سميت دنيا جي ٻين فورمز جي اجلاسن ۾ واضح اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ان خوشفهمي ۾ نه رهي ته هو ڪارن، جابراڻي ۽ فلسطائي قانونن جي ذريعي ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ کسي سگهي ٿو يا انهن کي انهن جي سرزمين تان بيدخل ڪري سگهي ٿو، 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان هو پنهنجا هر طرح جا ڪڌا حربا استعمال ڪري چڪو آهي پر ان کي ڪاميابي ناهي ملي. هن چيو ته ڪشميرين جو رت وهائڻ، گهر ساڙڻ ۽ ڪيرائڻ، ڪشميري نوجوانن کي عدالتن کان مٿانهون قتل ڪرڻ، ڪشميري قائدين کي اذيتون ڏيڻ، نظربند ۽ جيلن ۾ قيد ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائڻ ۽ لکين فوجين جي ڇانوڻي بڻائي ڇڏڻ سان به اهو مسئلو حل نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۽ هن خطي جي بهترين مفاد ۾ اهو ئي آهي ته هو 5 آگسٽ 2019ع جي سوچ کان ٻاهر نڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ڪيل قراردادن تي عمل، ڪشميرين ۽ دنيا سان ڪيل پنهنجي واعدن کي پورو ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين طرف اچي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن، پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن موجب رهڻ جي رويي کي اختيار ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڳالهه ٻولهه جي سفارتي ۽ جمهوري اصولن موجب ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن تڪرارن کي پرامن ذريعن سان حل ڪيو وڃي، اها هن خطي ۾ رهندڙ اربين انسانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي گهرج آهي. هن چيو ته هٿيارن جا انبار گڏ ڪرڻ سان هن خطي جي غريبن جون زندگيون نه بدلجنديون، هتي تعليم ۽ صحت جا انقلاب نه ايندا، ماحولياتي تباهي جا اثر گهٽ نه ٿيندا، هڪ ٻئي جو وجود مٽائڻ جي سوچ ڇڏي غريبن جا گهر ٺاهڻ ۽ رهائڻ جي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، ٻئي جي اڱڻ ۾ دهشتگردي ۽ بارود اڇلائڻ سان امن جي فصل برآمد نه ٿيندي، ٻين جي گهر ۾ باهه لڳائيندي لڳائيندي توهان جو پنهنجو گهر سڙي ويندو. هن چيو ته خطي جي نوجوانن جي تعليم ۽ هنرمندي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اڄ دل ۽ ذهن فتح ڪرڻ، تخليق ۽ ايجادن جي ذريعي کٽڻ ۽ علم جو دور آهي جنهن ۾ علم جي بلندين ۽ انسانيت جي بهتري جي لاءِ هڪ ٻئي کان وڌي ڪري ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي ڊوڙ آهي، رت وهائيندڙن کي تاريخ ۾ سدائين ظالم ۽ قاتل جي طور تي ياد رکيو ويو آهي جڏهن ته انسانيت جا ڏک ختم ڪندڙ ئي تاريخ ۾ عزت جو مقام ماڻين ٿا، اچو اسان تاريخ ۾ انسانيت جا ڏک ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪندڙن جي طور تي ياد رکيا وڃون، نيلسن منڊيلا بڻجو، هٽلر نه بڻجو. هن چيو ته پاڪستان جي امن پسندي ڪا ڪمزوري نه آهي پر اهو اسان جي دين جي روشن اصولن، اسان جي وڏن جي جمهوري نظريي ۽ اسان جي جمهوري نظام جي طاقت جي ڪري آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي، هڪ مضبوط شهادت جي جذبي سان ليس پيشيواراڻي مهارت ۾ دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندڙ بهادر فوج اسان جي دفاع ۽ سلامتي جو مضبوط حصار آهي، اسان پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڪلڀوشن ۽ اڀي نندن اسان جي عسڪري صلاحيت جا زندهه ثبوت آهن، اها صلاحيت پوري قوم جي آن ۽ شان آهي، اها اسان جو سرمايو آهي ۽ پوري قوم کي امن ۽ حفاظت جو اعتماد ڏي ٿي، جڏهن ضرورت پئي ته اسان پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پوري قوت استعمال ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان جي قائد محمد نواز شريف 28 مئي 1998ع تي ائٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بڻايو هو، اهو اعلان هو ته اسان پنهنجي خودمختياري ۽ دفاع تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين پر پوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وٽ ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي پاڻ هلي پاڪستان آيو هو، اعلان لاهور ٿيو هو ۽ ٻنهي ملڪن ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن تڪراري معاملن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو، اڳتي وڌڻ جو رستو اهو ئي آهي جيڪو اعلان لاهور ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير پاڪستان جي قومي مفادن ۾ اهو مرڪزي نقطو آهي جنهن تي پورو پاڪستان متفق ۽ هڪ آهي، ڪشمير جي آزادي جي لاءِ جهڙي طرح ڪشميرين رت وهايو آهي، پاڪستان جي فوج ۽ عوام به پنهنجي رت جا نذرانا پيش ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستان وانگر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر سميت هن خطي ۾ ترقي اسان کي تمام گهڻو ويجهو آهي، اسان ان ۾ ڪو فرق نه ٿا ڪريون نه ڪنداسين، گذريل سال پاڪستان حڪومت آزاد ڪشمير جي شهرين کي بجلي ۽ اٽي جي فراهمي جي لاءِ 23 ارب رپين جي خصوصي گرانٽ ڏني هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون ڀمڀر ۾ غريب ٻارن جي لاءِ اعليٰ تعليم جي گهواري دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اهڙا ئي وڌيڪ اسڪول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تعمير ٿيندا جن ۾ اهڙن غريب والدين جو پنهنجي ٻارن کي بهترين ۽ مفت تعليم ڏيارڻ جو خواب پورو ٿيندو. هن يقين ڏياريو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ عوام جي بهتري جي لاءِ اسان توهان جو ڀرپور ساٿ ڏيندا رهنداسين، ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ان جي لاءِ به تمام ضروري آهي ڇو ته اها ڪشمير جي آزادي جي بيس ڪئمپ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو ته والاريل ڪشمير جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۾ گهٽتائي نه ايندي، وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل کي اولين ترجيح ڏني، مستحڪم پاڪستان تحريڪ آزادي ڪشمير جي واحد ضمانت آهي، ڪشمير تڪميل پاڪستان جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ان مشن کي پورو ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستاني قيادت خاص طور تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ هٿياربند فوج جي بهترين پاليسين سان ڪشمير جو تحفظ ممڪن آهي، پاڪ فوج جتي ملڪي دفاع جي لاءِ تيار آهي اتي ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ بدترين رياستي دهشتگردي جاري آهي، ڀارت ڪوڙي پروپئگنڊه جي ذريعي عالمي برادري کي دوکو نه ٿو ڏئي سگهي، پاڪستانين سدائين ثابت ڪيو ته اهي ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهن. اجلاس ۾ ڪشمير جي شهيدن، فلسطين ۽ پاڪ فوج جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزيرن ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.