اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رياستي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جي سامهون ڪشميري عوام جي عزم ۽ استقلال کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني عوام هر سال 5 فيبروري تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، ڪشميري عوام جي هٿ نه کڻڻ واري خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي ۽ جائز جدوجهد جي لاءِ پنهنجي حمايت جوم ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال سنگين آهي، ڀارت ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام کي شديد رياستي ڏاڍ ۽ تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ رهي رهي آهي ۽ ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا قيد ۾ آهن. صدر چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي خلاف طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي ڏاڍ جي ذريعي خاموش ڪيو پيو وڃي. آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي قدم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي اڻمٽ جذبي کي دٻائي نه ٿا سگهن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻي حل طلب عالمي تڪرارن مان هڪ آهي. صدر چيو ته ڪنهن به قسم جو ظلم ڪشميرين جي عزم کي ڪمزور ۽ انهن جي جائز جدوجهد کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، گڏيل قومون ڪشميرين سان 77 سال اڳ ڪيل واعدن جو احترام ڪري. صدر چيو ته پاڪستان سائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهندو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي، ڀارتي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار آبادي ۾ بدلائڻ آهي. هن چيو ته ڀارت انتظامي، عدالتي ۽ قانوني قدمن جي ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، گذريل 78 سالن ۾ ڪشميرين پنهنجي مستقبل جو تعين پاڻ ڪرڻ جي جمهوري حق جي لاءِ بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته رياستي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جي سامهون ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.