اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي بنيادي حقن ۽ آزادين جي حصول جي لاءِ جدوجهد ۾ لاتعداد قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 فيبروري اربع ڏينهن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام هر سال ”ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهائيندا آهن ته جيئن ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي ۽ جائز جدوجهد جي مستقل حمايت جي تجديد ڪري سگهجي. خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي. هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جنهن ۾ ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي قانوني حق تي زور ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشميري عوام 78 سال گذري وڃڻ جي باوجود ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي استعمال ناهي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي قابض فوجي علائقن مان هڪ آهي. ڪشميري خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن کي ڊگهي حراست ۾ رکيو پيو وڃي ۽ انهن جون ملڪيتون ضبط ڪيون پيون وڃن. ڪشميري عوام جي حقيقي امنگن جي نمائندگي ڪندڙ سياسي پارٽين تي پابندي هنئي وئي آهي. انهن جابراڻي قدمن جو مقصد اختلاف راءِ کي ڪچلڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻي رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ ڀارت جي ڪوششن جو مقصد پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي ماحول کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ڪشميري پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ٿي وڃن. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته پراڻي تڪرارن کي وڌيڪ ڊيگهه نه ڏيڻ گهرجي. مقامي ماڻهن جي حقيقي امنگن کي دٻائي پائيدار امن حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. عالمي برادري کي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي مفاد ۾ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو ڪشميري عوام کي آزاداڻي طور تي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان هو ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪرڻ چاهي ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ رهندو. پاڪستان ڪشميري عوام جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي بهادر ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪن ٿا جيڪي پنهنجي بنيادي حقن ۽ آزادين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد ۾ لاتعداد قربانيون ڏئي رهي آهي.