اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام اڄ اربع ڏينهن ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ سندن منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ جي عزم سان گڏ ”ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهائي رهيا آهن، ان موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغامن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خط لکيا. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪندي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ڪشميري عوام جي راءِ جو تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ منصفاڻو ۽ غيرجانبداراڻو ريفرنڊم ڪرائڻ تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قيادت تي پڻ زور ڏنو ته اهي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کان اڳ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن کي ڀارت جي قبضي هيٺ (والاريل) ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاه ڪرڻ جي لاءِ هڪ بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري جي قيادت ۾ وزارت جي عملدارن ۽ عملي جي ميمبرن ڏينهن جي شروعات تي ڪانسٽيٽيوشن ايونيو تي منعقد ڪشمير ڏهاڙي واڪ ۾ شرڪت ڪئي. ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۾ سيمينارز، ويبنارز، عوامي ريلين ۽ تصويري نمائشن سميت ٻيون سرگرميون منقعد ڪيون پيون وڃن. انهن سرگرمين جو مقصد ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي.