اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جو حج 2024ع جي سرڪاري اسڪيم جي حاجين کي 4 ارب 75 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت حاجين کي 20 هزار رپين کان هڪ لک 40 هزار رپين تائين جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ 7 ڪيٽيگريز بڻايون ويون آهن. هلندڙ سال حج 2025ع جي پانڌيئڙن جي حج خرچن کي به گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 40 ڏينهن جو حج 10 لک 50 هزار ۽ 25 ڏينهن تي ٻَڌل حج 11 لک رپين جو هوندو. اهڙو اعلان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تحت اسان جي ٽيم جي اڻٿڪ محنت ۽ لڳن جي ڪري ڪجهه سُٺيون خبرون آهن. الله جي مهمانن جي سفر کي آسان ۽ سهولت سان ڀرپور بنائڻ ۾ سعودي حڪومت خاص ڪري حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن ربيعه، ڊپٽي وزير حسن مناخره ۽ ڀائرن جهڙي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جي ڀرپور سهڪار جو ٿورائتو آهيان. حج انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ منهنجي ٽيم جا سڀ آفيسر پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهيا. حج انتظامن کي سعودي تعليمن ۽ گذريل تجربن جي روشنيءَ ۾ حج 2024ع جي فوري بعد شروع ڪيو ويو. وقت سر قدمن جي ڪري فضائي ڪمپنين سان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ خرچن تي معاهدا ٿيا. ان کان علاوه سعودي عرب ۾ منيٰ، مڪاتب، مڪو شريف ۽ مديني شريف جون رهائشگاهون آهن. خوراڪ ۽ ٽرانسپورٽ جي خرچن کي مناسب حد تائين رکڻ ۽ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته فضائي ڪمپنين سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ٻين حج خرچن ۾ گهٽتائي ڪري اسان حاجين کي رقم واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اها حاجين جي رقم آهي ۽ مڪمل حساب ڪري اسان رقم جي واپسيءَ جو فارمولو بڻايو آهي، ڪنهن حاجيءَ کي هڪ لک رپيا واپس ملندا آهن يا ڪنهن کي 20 هزار رپيا ملندا آهن، ان جو تعين حاجين کي ڀلي پار ۾ ملندڙ سهولتن مطابق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جنهن حاجيءَ جي عمارت حرم جي ويجهو هوندي ان کي گهٽ رقم ملندي ۽ جنهن جي پري هوندي ان کي وڌيڪ ملندي. مختلف مُدي ۾ مختلف رقم حاجين کي واپس ڏني پئي وڃي. ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان چيو ته هڪ لک 40 هزار رپيا واپس ملندڙ سڀ کان وڏي رقم آهي. اها رقم 20228 ماڻهن کي ملندي. هڪ لک 10 هزار رپين جي رقم 10 سيڪڙو حاجين يعني 6784 ماڻهن کي واپس ملندي. 90 هزار جي رقم 26 سيڪڙو ۽ 75 هزار رپين جي رقم 23 سيڪڙو ماڻهن کي ملندي، اهڙي طرح 50 هزار 19 سيڪڙو واپس ماڻهن کي ملندا. هن چيو ته 35358 ۽ 20 هزار جيڪا سڀ کان گهٽ رقم آهي اها 4 سيڪڙو حاجين کي ملندي. ان موقعي تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته رقم جي ريفنڊ جو سڄو فارمولو بڻايو آهي ته جيئن بعد ۾ ڪنهن کي ڪا پريشاني نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 10 لک 75 هزار کان 11 لک 75 هزار رپيا حج خرچن جي اسان وفاقي ڪابينه مان منظوري حاصل ڪئي هئي. 40 ڏينهن جو حج 10 لک 50 هزار ۽ 25 ڏينهن تي ٻَڌل حج 11 لک رپيا هوندو. هلندڙ سال به جيڪڏهن حج خرچن ۾ بچت ٿي ته حاجين کي واپسيءَ تي اها رقم واپس ڪئي ويندي. هن چيو ته رقم جي واپسيءَ جو هي صرف اعلان ناهي پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اها رقم ماڻهن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي ويندي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جو چوڻ هو ته جمعي تائين اها رقم منتقل ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حج انتظام جاري آهن جيڪي آخري ڏينهن تائين جاري رهندا آهن. هلندڙ سال به حج درخواستون آيون آهن. مذهبي معاملن واري سيڪريٽري چيو ته سرڪاري اسڪيم تحت حج ڪوٽا مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي درخواستن جي وصولي بند ٿي چڪي آهي. هن ڀيري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ حج خرچ 10 لک 75 هزار کان گهٽ ٿي 10 لک 50 هزار رپيا آهن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو حج سڀ کان سستو ۽ سهولت وارو آهي، جيتريون سهولتون اسان ڏنيون آهن ايتريون ڪوبه نٿو ڏي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ مان حاجي روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت روانو ٿيندا ۽ اسان جي پوري ڪوشش هئي ته هلندڙ سال لاهور ۾ به اها سهولت فراهم ڪئي وڃي پر نه ٿي سگهي. ايندڙ سال لاهور کان به روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي شروعات جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.