ڪراچي- 04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ٿائيلينڊ جي قونصل جنرل سراشتي بونٽينند گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري، واپار ۾ اضافي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته ٿائيلينڊ سان واپار ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون. هن وڌيڪ چيو ته تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي، ثقافت، سياحت ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا دستياب آهن. هن چيو ته ٿائي سيڙپڪار صوبي جي پرڪشش شعبن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ٿائيلينڊ جي قونصل جنرل چيو ته ٿائيلينڊ جا سيڙپڪار صوبي جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ ڀرپور دلچسپي رکن ٿا. هن چيو ته گورنر اينيشيٽو تحت جاري منصوبا خاص ڪري آءِ ٽي ۽ اميد جي گهنٽي واکاڻ جوڳا منصوبا آهن. قونصل جنرل گورنر هائوس ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو به لڳايو.