اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جا عظيم سفير قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي، توهان جي عزم ۽ محنت جي ڪري مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي گرين چينل کي بحال ڪنداسين، ماضي جي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري دهشتگردي جي ناسور ٻيهر ڪَر کنيو آهي، اسان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز پاڪستانيز گلوبل فائونڊيشن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا عظيم سفير آهن، اوورسيز پاڪستانين جي ملڪ ۾ آجيان ڪريون ٿا، توهان هر شعبي ۾ پنهنجي ڏينهن رات محنت سان ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهيو، آئون، پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام توهان جي عظمت کي سلام پيش ڪريون ٿا، ٻاهرئين ملڪ مان تربيت حاصل ڪري توهان ملڪ جي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏيو ٿا، توهان جي تجربي سان ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچي ٿو. وزيراعظم چيو ته توهان جي عزم ۽ محنت جي ڪري مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي سان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم ٿيا آهن، توهان پنهنجي ملڪ ۾ جيڪا سيڙپڪاري ڪريو ٿا ان سان ملڪي معيشت کي فائدو پهچي ٿو ۽ جڏهن توهان جائيداد خريد ڪريو ٿا ته ان سان پراپرٽي جي ڪاروبار کي فروغ ملي ٿو. وزيراعظم چيو ته وزارت اعليٰ جي دور ۾ اسان پنجاب ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا هئا، هڪ ادارو ٺاهيو هو ۽ قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو هو. وزيراعظم چيو ته اهو ادارو پنجاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز جي نگراني ۾ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ آئون ڪسر نه ڇڏيندس ۽ توهان کي توهان جو حق ڏياريندس، توهان جي ملڪيتن کي محفوظ بڻائڻ جي حوالي سان قدم کنيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته توهان جيڪي معاملا اٿاريا آهن، انهن کي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته گرين چينل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو تمام وڏو ڪارنامو هو ان کي فوري طور تي بحال ڪيو ويندو، اميد آهي ته ان ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پڻ پوري طرح اسان جو هٿ ونڊائيندا. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي يوٿ فيسٽيول بابت تجويز جي آجيان ڪريون ٿا، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي چوندس ته ان حوالي سان لاڳاپيل وزيرن ۽ او پي ايف سان گڏجي هڪ پلان ٺاهي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان جو انعقاد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جا بهادر آفيسر ۽ جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، 2018ع تائين ملڪ ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي ويو هو پر ماضي جي حڪومت جي غلط پاليسين سان ان ناسور ٻيهر ڪَر کنيو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، انهن ۾ عام شهري، ڊاڪٽرز، انجنيئرز سان گڏوگڏ پاڪ فوج جا دلير آفيسر، جوان ۽ انهن جا ٻار به شامل آهن، تڏهن وڃي دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ٿيو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه سال اڳ هڪ حڪومت انهن کي ٻيهر پاڪستان اچڻ ڏنو، ان کان وڏي پاڪستان دشمني ٻي ڪا نٿي ٿي سگهي، ڪالهه ئي ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، ان کان ٻه ڏينهن اڳ پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل عاصم منير اتي ويو هو، 23 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ 18 بهادر جوانن شهادت ماڻي، زخمين سان منهنجي ملاقات ٿي، انهن جا حوصلا تمام بلند هئا، هي اهي قربانين جا لازوال داستان، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ۽ پاڪستان جي مائرن، ڀينرن، پٽن ۽ بزرگن قربانيون ڏنيون آهن، آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن عظيم قربانين جي نتيجي ۾ اها دهشتگردي ٻيهر ختم ٿيندي ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿيندي ۽ هي ڌرتيءَ انشاءَ الله محفوظ ٿيندي ڇو ته ان جي پٺيان اسان جي باورديءَ جوانن ۽ آفيسرن جون قربانيون آهن، انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ اهي قربانيون ڪارائتيون ثابت ٿينديون. اسان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائينداسين. هن چيو ته گذريل سال اسان هڪ تقريب منعقد ڪئي هئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪار، ايڪسپورٽر ۽ سڀ کان وڏي ٽيڪس ڏيندڙ کي ايوارڊز ڏنا هئا ۽ انهن کي سفير عمومي بڻايو هو، اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير ۽ او پي ايف جي چيئرمين کي چوندس ته پرديس ۾ رهندڙ پاڪستانين جي هڪ ڪيٽيگري ٺاهي وڃي، هر سال دنيا جي مختلف حصن مان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سفير عمومي بڻائينداسين ۽ انهن کي بليو پاسپورٽ پڻ ڏينداسين. اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو، ڪنوينشن منعقد ڪرڻ تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اوورسيز پاڪستاني گلوبل فائونڊيشن جي چيئرمين ظهير اختر مهر چيو ته دنيا جي 20 ملڪن مان پاڪستاني هتي موجود آهن. اوورسيز پاڪستانيز پاران يقين ڏياريان ٿو ته اسان رياست پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، اسان جو نعرو آهي ته پهرين رياست پوءِ سياست. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن مان اهي پاڪستاني پنهنجي ملڪ جا سفير آهن اسان پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ادارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم هائوس ۾ گهرائڻ تي تمام گهڻا خوش آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني توهان جي ٽيم آهن، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته توهان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي پنهنجو دروازو کولي هڪ تاريخ لکي آهي، اسان ان تي توهان جا ۽ سمورن ادارن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستانين سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، اسان جا شهيد اسان جا هيروز آهن انهن جي قربانين سان اسان جو مستقبل محفوظ ٿيو آهي، اسان انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.