واشنگٽن- 04 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته يوڪرين جنگ ۾ مالي مدد عيوض آمريڪا کي ناياب معدنيات فراهم ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو يوڪرين کان 300 بلين ڊالر جي ويجهو آمريڪي امداد جو بدلو چاهي ٿو. آمريڪي صدر چيو ته اسان يوڪرين کي ٻڌائي رهيا آهيون ته هن وٽ وڌيڪ قيمتي ناياب معدنيات موجود آهن. اسان يوڪرين سان ان حوالي سان معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.