اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سان جاپان جي سفير اڪامٽسو سوئچي ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن، اقتصادي سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جاپان سان ٻه طرفي سهڪار ۽ رابطن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ لاڳاپا تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن ڏُکئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته جاپان پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن دوران مدد ڪئي ۽ بحاليءَ جي ڪمن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو جنهن تي اسان جاپاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جاپان سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. خاص طور تي تعليم ۽ ڀلائيءَ وارن شعبن ۾ جاپان جي مسلسل حمايت تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جا سفارتي لاڳاپا 1952ع ۾ قائم ٿيا. وزيراعظم جي حيثيت سان جاپان جي قيادت سان وقت بوقت ملاقاتون پڻ ٿيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان جاپان فرينڊشپ فورم جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪو عوامي سطح تي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جاپان جي تجربن، تعليم، ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ٻين شعبن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ عالمي فورمز تي بهترين سهڪار هڪٻئي تي اعتماد جو مظهر آهي. علائقائي سلامتي جي حوالي سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ جاپان ان معاملي تي گڏيل عزم رکن ٿا، جڏهن ته ڳالهيون ۽ گڏيل سهڪار ئي مسئلن جو حل ۽ خطي جي ترقيءَ جو ضامن آهي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب لاءِ به پيشيوراڻي تربيتي پروگرام ۾ جاپان جي معاونت سان ترتيب ڏئي سگهجي ٿي. هن جاپان جي سفير کي ملتان جي دؤري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ملتان جون ڪيتريون ئي مصنوعات قومي ۽ عالمي سطح تي مشهور آهن. هن چيو ته ملتان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ سان گڏجي واپاري شعبي ۾ جاپان لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته جاپان ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جاپان جي معاشي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم فراهم ڪري رهي آهي، جنهن مان جاپاني سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جاپان ۾ منعقد ٿيندڙ اوساڪا ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ پُراميد آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته آءِ ٽي، زراعت، واپار، حلال فوڊ ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار جي وسيع گنجائش موجود آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.