اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر بندرگاهه کي ڪمرشل بنيادن تي آپريشنلائيز ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گوادر بندرگاهه جي حوالي سان بهترين مارڪيٽنگ ۽ آگاهي جي حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران گوادر بندرگاهه بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گوادر پورٽ 50000 ڊيڊ ويٽ ٽينج تائين جي جهازن جي لاءِ نار فارس تائين گهٽ خرچ ۽ گهٽ وقت ۾ پهچ مهيا ڪرڻ ۽ نار ملڪن تائين ٽرانس شپمنٽ فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وڌيڪ اهو ته اها بندرگاهه بلوچستان جي کاڻين جي کوٽائي ۽ ايڪوا ڪلچر جي شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ان بندرگاهه سان چين جا اولهندا علائقا ۽ وچ ايشيائي رياستون فائدو کڻي سگهنديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گوادر فري زون کي سمورن وفاقي، صوبائي ۽ لوڪل ٽيڪسن کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته گوادر فري زون جا رولز پڻ ٺاهيا ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته 2018ع کان 2022ع دوران گوادر پورٽ جي ڊريجنگ جي حوالي سان ڏوهاري غفلت ڪئي وئي جنهن سان بندرگاهه جي گهرائي شديد متاثر ٿي جڏهن ته 23 – 2022ع ۾ گوادر پورٽ جي ڊريجنگ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ گوادر پورٽ جي گهرائي بحال ٿي چڪي آهي. گوادر پورٽ تي سمورن يوٽيلٽيز جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا پڻ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪ – چين فرينڊشپ اسپتال، گوادر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، پاڪ – چين پرائمري اسڪول، گوادر لائيولي هڊ پراجيڪٽ، گوادر فشريز پراسيسنگ زون ۽ گوادر سولر پارڪ وغيره شامل آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت گوادر کي پاڪستان ريلويز جي مين لائين M – 4 سان ڳنڍڻ جي لاءِ ريل لنڪ تي ڪم ڪري رهي آهي. گوادر کان ڪوئيٽا رستو 2018ع ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن سان تربت، هوشاب ۽ پنجگور سميت ٻيا علائقا پڻ فائدو کڻي رهيا آهن. وڌيڪ اهو ته موٽروي ايم 8 (گوادر – هوشاب – رتوديرو) جي باقي حصي جي تعمير پڻ منصوبي جو حصو آهي ته جيئن گوادر کي سکر سان ڳنڍي سگهجي. گوادر ۽ ڪوئيٽا رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ نوڪنڊي کان ماشخيل تائين رستو تعمير هيٺ آهي جڏهن ته ماشخيل کان پنجگور تائين رستي تي ڪم جي شروعات جلد ڪئي پئي وڃي. گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي. گوادر سيف سٽي جي حوالي سان بلوچستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير گوادر پورٽ تي ڪارگو انسپيڪشن جي سهولت کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال جون تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم بريفنگ کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم گوادر پورٽ کي ڪمرشل بنيادن تي آپريشنلائز ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن گوادر پورٽ جي آپريشنلائيزيشن جي حوالي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي ته جيڪا گوادر پورٽ کي هڪ جديد ۽ مڪمل فعال بندرگاهه بڻائڻ جي حوالي سان سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم گوادر پورٽ جي اهميت کان آگاهي جي حوالي سان انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا. هن چيو ته گوادر پورٽ جي حوالي سان بهترين مارڪيٽنگ ۽ آگاهي جي حڪمت عملي ٺاهي وڃي ۽ گوادر پورٽ جي حوالي سان سفارتي ڪوششون تيز ڪيون وڃن. وزيراعظم گوادر پورٽ تان ڪئي ويندڙ درآمدات ۽ برآمدات جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا.