ڪراچي- 04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ حڪومت منافع خورن خلاف ڪارروائي لاءِ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي ۽ عثمان هنڱورو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو. جنهن ۾ صوبي جي سڀني ضلعن ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ بيورو آف سپلاءِ بابت خاص مددگار عثمان هنڱورو چيو آھي ته منافعي خورن خلاف ڪاروائي لاءِ نوان ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٿاڻن ۾ بيورو آف سپلاءِ کاتي ۽ پوليس جو عملو شامل هوندو. هن چيو ته اسان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ چاھيون ٿا. ان کان علاوه، رمضان المبارڪ مهيني جي اچڻ کان اڳ سڀني گودامن کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بچت بازارن ۾ خاص اسٽال ۽ ميون جي مقرر ڪيل قيمتن کي يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته سبزي منڊين جي ڪولڊ اسٽوريج رجسٽرڊ ۽ ان جي نگراني ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير جي بيورو آف سپلاءِ بابت خاص مددگار عثمان هنڱورو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ الڳ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ سان، بيورو آف سپلاءِ اسٽاف ۽ پوليس جي توجه صرف منافعي خورن تي هوندي ۽ هو انهن خلاف وڌيڪ اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهندا. عوام لاءِ منافع خورن خلاف شڪايتون داخل ڪرڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ آسان ٿيندو. هن قدم سان ذخيره اندوزي ۽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. حڪومت وٽ منافع خورن ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف قانون کي وڌيڪ سخت وڌيڪ ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو انسپيڪشن ٽيم بابت خاص مددگار وقار مهدي چيو ته نون ٿاڻن وٽ سنڌ ۾ منافع خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا اختيار هوندا، ۽ صوبي جي مارڪيٽن جي نگراني لاءِ خاص ڊيوٽيون لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اجلاس ۾ زراعت کاتي جي سيڪريٽري سهيل احمد قريشي، ڊائريڪٽر جنرل بيورو آف سپلاءِ ڊاڪٽر شاڪر قيوم خانزاده، ڪراچي مارڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.