اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروري تي يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائيندي. ان موقعي تي پاڪستان کي ڄمون ڪشمير سان ملائيندڙ پُلن تي انساني هٿن جون زنجيرون به بڻايون وينديون. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستان حڪومت ۽ عوام هر سال 5 فيبروريءَ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ سندن حق تي ٻَڌل آزاديءَ جي جدوجهد جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪندو آهي. ان موقعي تي پاڪستاني قوم طرفان گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين جي ترديد جوڳي حقِ خوداراديت جي منصفاڻي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو ويندو آهي. مظلوم ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي برادري کي پُراڻي تڪرار جي حل جي حوالي سان سندن ذميواريون ياد ڏيارڻ لاءِ ان ڏينهن کي ملهائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي ڀارت جي قابض فوج هٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ هٿين خالي ڪشميرين خلاف جاري ظلمن طرف عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇِڪرائيندي آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ريلين، جلسن ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مشنز ۾ سيمينارز ۽ تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو ويندو ته جيئن دنيا جو ڌيان مظلوم ڪشميرين جي حالتن طرف ڇِڪرائيندي ڏياري سگهجي. ڪوهالا، هولاڙ، برار ڪوٽ، ڌلڪوٽ، آزاد پتن، ڌان گلي، منگلا سميت پاڪستان کي ڪشمير سان ملائيندڙ پُلن تي صبح 10 وڳي انساني هٿن جون زنجيرون بڻايون وينديون ۽ ڀارتي قابض فوج خلاف ڪشميري عوام جي جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪندا. پاڪستان يوم يڪجهتي ڪشمير 1975ع کان ملهائي رهيو آهي. ان ڏينهن پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جو عوام پنهنجي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن ٿا. ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي.