اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 72 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيل جناح اسڪوائر انڊر پاسز منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن سان شهرين کي وقت ۽ ٻارڻ جي بچت سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ پڻ مدد ملندي جڏهن ته خيابان سهروردي، سري نگر هاءِ وي ۽ ڪلب روڊ جنڪشن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد کي خوبصورتي جي لحاظ کان سڄي پاڪستان جي لاءِ هڪ مثال بڻايو ويندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جناح اسڪوائر جو تمام وڏو منصوبو پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، ان ۾ ٽي انڊر پاسز آهن جن جي رستن جي ڊيگهه 14 ڪلوميٽر آهي، ان منصوبي سان نه رڳو عوام جو وقت ۽ ٻارڻ بچندو پر ٽريفڪ جام جي ڪري جيڪا ماحولياتي آلودگي ٿيندي هئي اها به گهٽ ٿيندي. وزيراعظم تيز رفتاري سان 72 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪرڻ تي گهرو وزير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هن پنجاب اسپيڊ کي محسن اسپيڊ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هن گهرو وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته باقي منصوبن کي پڻ ان رفتار سان پڄاڻي تي پهچائين. وزيراعظم 60ع جي ڏهاڪي ۾ تعمير ڪئي ويندڙ سرڪاري عمارتن ۽ وزارتن جي آفيسن جي رنگ روغن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسلام آباد کي خوبصورتي جي لحاظ کان سڄي پاڪستان جي لاءِ مثال بڻايو وڃي ته جيئن ٻاهران ايندڙ مهمان ان خوبصورتي کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهن. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس جي موقعي تي شهر کي جهڙي خوبصورتي سان سجايو ويو هو غيرملڪي مهمانن ان کي تمام گهڻو ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد جي سمورن منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچايو وڃي، شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو وڃي، جناح اسڪوائر جي انڊر پاسز جي ڀتين تي خوبصرت نقش نگار ٺاهيا وڃن ۽ لاهور جي انڊر پاسز وانگر لينڊ اسڪيپنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته قومن جي زندگي کي بدلائڻ ۽ ترقي جي لاءِ اهڙي طرح جا قدم لازمي آهن. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف تختي جي رونمائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي ان منصوبي تي تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ڏينهن رات ان جون ٽيمون موقعي تي موجود رهيون. کوٽائي دوران هڪ ٽڪريءَ نڪري آئي جنهن کي ٽوڙن ۾ تمام گهڻو وقت لڳو نه ته اهو منصوبو 12، 10 ڏينهن اڳ ۾ مڪمل ٿي وڃي ها. هن چيو ته ايتري گهٽ مدي ۾ ان منصوبي جو مڪمل ٿيڻ هڪ ناممڪن ڪم لڳندو هو. هن اعلان ڪيو ته اسلام آباد ۾ تمام جلد وڌيڪ منصوبا شروع ڪيا ويندا، ايف نائين جو فلاءِ اوور پڻ جلد کوليو ويندو. ان کان اڳ سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي تمام وڏو منصوبو هو جنهن کي 72 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. واضح رهي ته ان منصوبي تي ڪم جي باقاعده شروعات 19 نومبر 2024ع تي ٿي هئي. منصوبي جي تڪميل جو عرصو 120 ڏينهن هو جڏهن ته اهو انتهائي تيز رفتاري سان 72 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ 30 جنوري 2025ع تي وقت کان اڳ مڪمل ڪيو ويو. تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اسيمبلي ميمبر، سي ڊي اي چيئرمين، چيف ڪمشنر سميت اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.