لاڙڪاڻو-03 جنوري (اي پي پي) پوري ملڪ سميت لاڙڪاڻي ۾ به شھنشاھ وفا مولا ابوالفضل عباس علمدار جي ولادت جو مبارڪ ڏھاڙو 4 شعبان المعظم نھايت عقيدت احترام ۽ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. شھر جي امام بارگاھن ۽ مسجدن سميت گھرن، دڪانن کي پڻ روشن لائيٽن سان ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو، شھر جي مرڪزي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه ۽ امام بارگاهه ولايت علي امير المؤمنين امام بارگاهه جعفريه سميت شھر جي مختلف امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾ تقريبون، سيمينارز ۽ محفلون منعقد ڪيون ويو، شھنشاھ وفا مولا ابوالفضل عباس علمدار جي ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مسجدن ۽ امام بارگاهن مان جشن ولادت جي خوشي ۾ جلوس ڪڍيا ويا. مرڪزي جلوس انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه تان ڪڍيو ويو، جنھن ۾ ھزارن جي انگ ۾ مومن شرڪت ڪئي.