اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترقي بابت سعودي فنڊ جي وچ ۾ هڪ سال جي لاءِ 1.20 ارب ڊالر جي تيل جي ادائيگي ملتوي جو معاهدو طئي ٿيو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو جڏهن ته مانسهره ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي لاءِ 41 ملين ڊالر جي فراهمي جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم محمد شهباز شريف آئل امپورٽ فنانسنگ جي سهولت ۽ مانسهره، خيبرپختونخواهه ۾ گريويٽي فلو واٽر سپلاءِ اسڪيم معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اقتصادي معاملن ڊويزن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ سي اي او ايس ايف ڊي سلطان بن عبدالرحمان المرشد پنهنجي پنهنجي حڪومتن پاران معاهدن تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترقي بابت سعودي فنڊ جي وفد فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي جو حوالو ڏيندي صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان کي مالي امداد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي لاءِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سعودي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم کي جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي فنڊ ڪيل ٻين منصوبن بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ترقي بابت سعودي فنڊ جي امداد کي ساراهيندي گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ فنڊ سان حصيداري جي نئين منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جن جي ذريعي پاڪستان جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ايس ايف ڊي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گڏيل منصوبن تي جلد ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي عرب شاهي خاندان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن ڊويزن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ سعودي وفد جا ميمبر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ٻئي طرف وزيراعظم آئل امپورٽ فنانسنگ فيسلٽي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جنهن موجب پاڪستان کي هڪ سال جي لاءِ 1.20 ارب ڊالر جو تيل ادائيگي ملتوي تي ملندو. اهو منصوبو فوري مالياتي بار کي گهٽ ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ترقي بابت سعودي فنڊ مانسهره خيبرپختونخواهه ۾ گريويٽي فلو واٽر سپلاءِ اسڪيم جي لاءِ 41 ملين ڊالر رعايتي قرض فراهم ڪندو ان سان مانسهره جي 150000 مقامي ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ حاصل ٿيندي ۽ 2040ع تائين 201249 ماڻهن جي پاڻي جي طلب کي پورو ڪري سگهبو.