اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي بدليءَ جي آجيان ڪئي آهي ۽ـ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 200 واضح ۽ قطعي طور صدرِ پاڪستان کي هڪ جج کي هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ بدلي ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر ميان محمد رئوف عطا طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان هميشه قانون جي حڪمراني، عدليه جي آزادي ۽ آئين جي بالادستيءَ لاءِ آواز اُٿاريو آهي ۽ اسان ججن جي بدلين جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 200 بلڪل واضح آهي، اهو صدرِ مملڪت کي هاءِ ڪورٽ جي ججن کي انهن جي رضامنديءَ سان لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس آف پاڪستان سان صلاح مشوري کانپوءِ بدليءَ جي اجازت ڏئي ٿو. صدرِ مملڪت هن آئيني شق جو استعمال ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح جي بدلين لاءِ طئي ٿيل عمل جي مڪمل پابندي ڪئي وئي آهي. ٻي طرف آئين جو آرٽيڪل 194 هتي لاڳو نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هي صرف هاءِ ڪورٽ جي ججن جي حلق بابت آهي، ان مثال ۾ ججن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئين مقرري ناهي پر انهن جون آئيني قلمن تحت بدليون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر بدلي ٿيل ججن جي آجيان ڪريون ٿا جن جو ويجهڙ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ٿي آهي.