اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور 2.055 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال 2024ع جي پڄاڻي تائين ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.997 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.390 ارب ڊلر جڏهن ته ٻين بينڪن وٽ ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.607 ارب ڊالر رهيو. 24 جنوري تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.052 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن مان مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.37 ارب ڊالر جڏهن ته ٻين بينڪن وٽ ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.680 ارب ڊالر هو.جاري مالي سال جي شروعات کان وٺي هاڻي تائين اسٽيٽ بينڪ جي ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ 1.983 ارب ڊالر ۽ ٻين بينڪن جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 73 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي.