اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جمرود ۾ پوليو ٽيم تي ٿيل فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي ۾ پوليس جي ڪانسٽيبل عبدالخالق شهادت ماڻي آهي جنهنجي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. گهرو وزير شهيد پوليس ڪانسٽيبل عبدالخالق کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيد پوليس ڪانسٽيبل عبدالخالق جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هيو ته بارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڊيوٽي دوران شهيد پوليس ڪانسٽيبل عبدالخالق جي فرض شناسي کي سلام پيش ڪجي ٿو.