لاهور-31 جنوري (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام لاهور ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري سندس خيريت پڇي ۽ نيڪ تنمائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چوڌري شجاعت حسين کي گلدستو به پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انجنيئر امير مقام چوڌري شجاعت حسين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي پنجاب جو صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو.