ڪراچي – 31 جنوري ( اي پي پي) سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، يونيورسٽيءَ 50 ملين روپين جي سالياني بچت ڪري ترقي جي راهه تي گامزن ٿي وئي، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين مان اڪيلي يونيورسٽي آهي جنهن 50 ملين رپين جي بچت ڪئي آهي. يونيورسٽيءَ جي ترقي بابت اجلاس يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي مختلف نون ۽ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين مان اڪيلي يونيورسٽي آهي، جنهن جا مالي سال 24-2023ع ۾ 50 ملين رپيا سرپلس رهيا، هن چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي گذريل چئن سالن ۾ غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻي ترقيءَ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان ملندڙ سالياني گرانٽ ۽ پنهنجي پيدا ڪيل وسيلن جي مدد سان پنهنجي ترقيءَ کي اوليت ڏيئي رهي آهي، هِن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي ڪامياب پاليسين جي ڪري خساري مان نڪري آئي آهي ۽ مالي سال 24-2023ع ۾ هن يونيورسٽي جا 50 ملين رپيا سرپلس رهيا ۽ ان ڳالهه جي آگاهي يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٿيل اجلاس کي پُڻ ڏني وئي آهي، جيڪو سنڌ صوبي جي يونيورسٽين ۾ هڪ مثال آهي. ڊاڪٽر صحرائيءَ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ سميت ٻيا به نوان منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽيءَ جي قيام کي هلندڙ سال جي فيبروري مهيني ۾ ٻارهن سال پورا ٿي رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به اداري جي لاءِ ڪو وڏو وقت ناهي، ان ڪري سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ترقي ۽ توسيع جي هڪ وڏي ۽ بنيادي گهرج موجود آهي، جنهن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. وائس چانسلر چيو ته ڄاڻايل ريسرچ سينٽر ۾ سمارٽ ڪلاس روم، ڪمپيوٽر ليب، سيمينار لائبريري ۽ لاڳاپيل عملي لاءِ آفيس هوندي. اجلاس ۾ ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ۽ ڊولپمينٽ شعبي جي لاڳاپيل آفيسرن، رجسٽرار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.