واشنگٽن-31 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊالر بدران پنهنجي ڪرنسي لاڳو ڪرڻ جي صورت ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريقا تي ٻڌل گروپ برڪس کي سئو سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هن ڇنڇر کان ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته اسان ظاهري طور مخالف ملڪن کان اهو واعدو حاصل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته هو نه رڳو ڪا نئين برڪس ٺاهيندا ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي ٻي ڪرنسي جي حمايت ڪندا جيڪا طاقتور آمريڪي ڊالر جي جاءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪري، جيڪڏهن هو ايئن نٿا ڪن ته انهن کي سئو سيڪڙو ٽيرف کي منهن ڏيڻو پوندو. آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ان ڳالهه جو ڪو امڪان ناهي ته عالمي واپار ۾ يا ڪنهن ٻي هنڌ برڪس جي نالي ماتر ڪرنسي آمريڪي ڊالر جي جاءِ وٺي پر جيڪڏهن ڪيئن ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي آمريڪي ٽيرف جي آجيان ۽ آمريڪا کي الوداع چوڻو پوندو. ٽرمپ برڪس ملڪن کي ان تنبيهه کان اڳ ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو تي پهرين فيبروري کان 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو پر تيل جي آمدني واپار کي ان کان آجو رکڻ جي امڪان کي کليو رکيو.