والاريل بيت المقدس- 31 جنوري (اي پي پي) اسرائيل اولھندي ڪناري ۾ موجود عوفر جيل مان فلسطينين جي آزادي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي دفاع واري وزير ايندڙ مرحلي ۾ سندن قيدين جي محفوظ روانگي جي ضمانت ملڻ تائين فلسطيني قيدين جي آزادي روڪڻ جي ھدايت ڏئي ڇڏئي آھي. ھڪ اسرائيلي ذميوار ٻڌايو ته تل ابيب فلسطينين جي آزادي غزه پٽي جي ڏکڻ واري شھر يونس ۾ ٿيندڙ افراتفري ۽ ڀاڄ جي جواب ۾ روڪي وئي آهي.