ڍاڪا-31 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس چيو آهي ته شاگرد پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ ماڻهن کي منظم ڪيو پيو وڃي، کين ان جو موقعو ضرور ملڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ اخبار کي انٽرويو ۾ ملڪ جي ايندڙ عام چونڊن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امڪان اهو آهي ته شاگرد پاڻ هڪ پارٽي ٺاهيندا. هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ شيخ حسينه واجد جي حڪومت ختم ٿي ته هن پنهنجي مشاورتي ڪائونسل ۾ ٽن شاگردن کي شامل ڪيو هو، ان وقت منهنجو موقف اهو هو ته جيڪڏهن هو ملڪ لاءِ جان ڏئي سگهن ٿا ته اهي ڪابينا ۾ ويهي فيصلا به ڪري سگهن ٿا ته هو ڪهڙي شيءَ لاءِ جان ڏئي رهيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ هو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر محمد يوسف سياسي پارٽي ٺاهڻ ۾ شاگردن جي وڌندڙ دلچسپي کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ان حوالي سان امڪاني طور تي پيش ايندڙ چئلينجن کان به خبردار ڪيو. هن چيو ته شاگردن جا اهي خدشا صحيح آهن ته ملڪ ۾ ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهو انهن ڪاميابين کي ضايع ڪري ڇڏيندا جيڪي شاگردن پنهنجو رت ڏئي حاصل ڪيون آهن.