ڍاڪا- 31 جنوري (اي پي پي) آمريڪا طرفان عالمي امداد بند ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ بنگلاديش ۾ يو يس ايڊ جي مالي سھڪار سان ڪم ڪندڙ ادارن جي ھڪ ھزار کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪرين تان هٽايو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق انٽرنيشنل سينٽر فار ڊائيرريل ڊيزيز ريسرچ، بنگلاديش (آءِ سي ڊي ڊي آر، بي) جي هڪ هزار کان وڌيڪ ملازمن کي مبينا طور برطرفي جا ليٽر مليا آھن، اهي ملازم يونائيٽڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ (يوايس ايڊ) جي فنڊن مان ھلندڙ مختلف تحقيقي منصوبن تي ڪم ڪري رھيا ھئا ۽ ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪانٽريڪٽ تي ھئا. ان کان اڳ ڍاڪا ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ يو ايس ايڊ جي آفيس 25 جنوري تي ھڪ خط جاري ڪيو جنھن ۾ سمورن اين جي اوز ۽ شرڪت ڪندڙ تنظيمن کي سموريون سرگرميون فوري طور تي روڪڻ يا معطل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي ھئي. خط ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ھڪ ايگزيڪٽو آرڊر جو حوالو ڏنو ويو ھو جنھن ۾ موجود پرڏيھي امداد کي معطل ۽ نئي امداد کي روڪي ڇڏيو ھو . انٽرنيشنل سينٽر فار ڊائيريل ڊيزيز ريسرچ بنگلاديش جي ملازمن جو تعداد 5 ھزار هو ۽ ان اداري جي 20 سيڪڙو فنڊنگ يوايس ايڊ طرفان ڪئي ويندي ھئي.