نئين دهلي-31 جنوري(اي پي پي) ڀارت ۾ مخالف ڌر جي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ ۽ لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس ملڪ ۾ نفرت ڦهلائي رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب راهول گانڌي نئين دهلي جي علائقي بادلي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم نريندر مودي نفرت ڦهلائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ملڪ جي عوام کي ورهائي انهن جي دولت اڊاني ۽ امباني جهڙن ماڻهن کي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هو پنهجي جان ته ڏئي سگهي ٿو پر هندو انتها پسند پارٽين بي جي پي ۽ آر ايس ايس سان ٺاهه نه ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته جن ماڻهن مهاتما گانڌي کي قتل ڪيو هو انهن جي نظريي تحت ئي اڄ ڀارت کي هلائي رهيا آهن. راهول گانڌي وڌيڪ چيو ته نريندر مودي ۽ ارويندر ڪيجريوال ۾ ڪو به فرق نه آهي.ٻئي ريزرويشن ۽ دلت مخالف آهن. ٻئي اقتدار کي هٿ ۾ رکڻ چاهن ٿا. هن ڪيجريوال کي مودي جو نئون ويزن قرار ڏنو ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪوڙ ڳالهايندا آهن ۽ صرف ڳالهيون ڪندا آهن عملي طور تي ڪجهه به نه ڪندا آهن.