جميڪا-31 جنوري (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلا ديش جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي -ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ڇنڇر پهرين فيبروري تي وارنر پارڪ باسيڙي ، سينٽ ڪٽس ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيم کي مهمان بنگلاديش جي ويمنز ٽيم خلاف ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آهي. بنگلاديش جي ٽيم اڄ ڪلهه ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ويسٽ انڊيز جي وومينز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي . ون ڊي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جي وومينز ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي 1-2 تان شڪست ڏني. ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز وومينز ٽيم جي اڳواڻي هيلي ميٿويز ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ پهرين جنوري تي کيڏي ويندي.