راولپنڊي-31 جنوري (اي پي پي) پريذيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو پنجون رائونڊ اڄ پهرين فيبروري کان شروع ٿيندو جنهن دوران مختلف هنڌن تي چار ميچون کيڏيون وينديون. اسٽيٽ بئنڪ جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 84 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آھي. پي سي بي مطابق اسٽيٽ بئنڪ ۽ ھائير ايجوڪيشن جي ٽيمن وچ ۾ چار ميچون اسٽيٽ بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. غني گلاس ۽ پي ٽي وي جون ٽيمون جي سي سي اي اسٽيڊيم ۾ آمھون سامھون ٿينديون. ايشال ايسوسي ايٽس ۽ جي ڊي سي ايل وچ ۾ ميچ يو بي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته ايس اين جي پي ايل ۽ واپڊا جون ٽيمون اين بي پي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ آمھون سامھون ھونديون. واضح رھي ته چار رائونڊ مڪمل ٿيڻ بعد اسٽيٽ بئنڪ ٽيم 84 پوائنٽس سان پھرين نمبر، او جي ڊي سي ايل 76 پوائنٽس سان ٻئي نمبر ۽ پي ٽي وي 64 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آھي.