اسلام آباد- 31 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته رمضان دوران عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آھي، مقدس مھيني دوران کنڊ جون قيمتون وڌائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، کنڊ جي قيمتن جو آخري اعلان 6 فيبروري خميس تي ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. راڻا تنوير حسين چيو ته کنڊ جي وڌندڙ اگهن بابت صلاح مشوري لاءِ شوگر ملز کي ھڪ ھفتي جو وقت ڏنو ويو آھي. هن چيو ته آبادگارن کي منافعي ۾ شريڪ ڪيو وڃي جڏهن ته شوگر ملرز کي آبادگارن جي پيداوار ۽ مالي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اجلاس ۾ چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال به شرڪت ڪئي.