اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ مختلف ڪاررواين دوران 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪامياب ڪاررواين دوران 10 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.