اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن جي تعاون سان ئي ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي، پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي پوليو جي خاتمي واري مهم جي موثر هجڻ جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ، سينيٽر عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري مهم جي هيستائين جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پوليو ڪيسز جي وقت سر سڃاڻپ ۽ ان ۾ تازي گهٽتائي جي لاءِ سمورن صوبن جي انتظاميا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيپٽمبر 2024ع کان هيستائين پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي پوليو جي خاتمي واري مهم جي موثر هجڻ جو واضح ثبوت آهي، پوليو ڪيسز ۾ منفي رجحان سمورن صوبن جي انتظاميا جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ممڪن ٿيو، وفاق ۽ صوبن جي تعاون سان ئي ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سمورن صوبن ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم مڪمل تحريڪ سان جاري آهي، 2025ع جي شروع ۾ پوليو کان متاثر ضلعن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ خيبرپختونخواهه ۾ پوليو ڪيسز ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، آءِ ٽي ڊيش بورڊ جي ذريعي پوليو مهم جي سمورن رخن جي مستقل نگراني ڪئي پئي وڃي.