اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت جي انضمام جي لاءِ رولز آف بزنس ۾ ترميم، وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ صوبائي ڪوٽا ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ ۽ آف دي گرڊ ليوي ڪيپٽو پاور پلانٽس آرڊيننس 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي آف دي گرڊ ليوي ڪيپٽو پاور پلانٽس آرڊيننس 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران 2020ع ۾ پارليامينٽ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي پائليٽس جي حوالي سان ڏنل بيان تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هڪ اڳوڻي وفاقي وزير پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي پائليٽس جي حوالي سان ڏنل بيان غيرذميواراڻو ۽ مبالغه آرائي تي ٻڌل هو جنهن سان نه رڳو ملڪ ۽ قومي ايئرلائينز جي ساک سخت متاثر ٿي پر قومي خزاني کي پڻ شديد نقصان ٿيو. ڪابينا ڄاڻايل بيان جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪا ڄاڻايل مبالغه آرائي تي ٻڌل بيان جي سببن جو پتو لڳائيندي ۽ ان بيان جي نتيجي ۾ قومي ايئرلائينز ۽ قومي خزاني کي پهچندڙ نقصان جو پڻ ڪاٿو لڳائيندي. وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جي چارٽر جي توثيق ڪري ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڄاڻايل چارٽر جي باني ميمبرن مان آهي. ان انيشي ايٽو تحت 200 ملين هيڪٽرز زميني رقبي جي بحالي ڪئي ويندي ۽ 50 بلين وڻ لڳايا ويندا. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان حڪومت ۽ يورپين يونين جي وچ ۾ ٽيرف ريٽس ڪوٽا جي ورڇ جي حوالي سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سفارش ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويز تي اڪائونٽيبلٽي ڪورٽ III اسلام آباد جي ري آرگنائيزيشن ڪرڻ ۽ ان کي اسپيشل ڪورٽ (سي اين ايس – III) اسلام آباد ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي جنرل مئنيجر انجنيئرنگ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ريئر ايڊمرل حبيب الرحمان کي وڌ کان وڌ ٻن مهينن جي لاءِ چيئرمين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي باقاعده چيئرمين جي مقرري جو عمل فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ صوبائي ڪوٽا ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جي منظوري ڏني. اهو قدم اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن جي لاءِ صوبائي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز ۾ انتهائي گهٽ ڪوٽا هجڻ جي ڏس ۾ کنيو ويو آهي ته جيئن اسلام آباد جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن کي وفاق جي انتظام هيٺ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا حاصل ٿي سگهن. وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي سفارش تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت جي انضمام جي حوالي سان رولز آف بزنس 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 17 جنوري 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 17 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ سٽيزن شپ ايڪٽ 1952ع ۾ ترميمن جي حوالي سان ڪيل فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي.