اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پرڏيهي وزارت مراڪش جي دخله بندرگاهه ويجهو تازي سامونڊي واقعي ۾ بچي ويل 22 پاڪستانين جي وطن واپسي جي لاءِ رابطو ڪري رهي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته مراڪش جي عملدارن سان مڪمل ڇنڊڇاڻ ۽ رابطي کانپوءِ انهن ماڻهن کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. هن چيو ته انهن ۾ ڪجهه پاڪستاني ٻن اڏامن جي ذريعي اسلام آباد پهتا آهن. ترجمان چيو ته رباط ۾ پاڪستاني سفارتخانو امدادي سرگرمين جي نگراني ۽ وطن واپسي جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ مراڪش جي عملدارن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اهم ترجيح آهي ۽ اها ان سلسلي ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندي.