اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان 7 کان 11 فيبروري تائين گهڻ قومي نائين امن مشق جي ميزباني ڪندو، هن سال جي مشق جي هڪ اهم خصوصيت امن ڊائيلاگ هوندي، جتي سامونڊي فوج جا سربراهه، ڪوسٽ گارڊز جا سربراهه ۽ سڄي دنيا جا سينيئر اڳواڻ علائقائي سامونڊي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سميت سلامتي ۽ اسرندڙ سامونڊي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ گڏ ٿيندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ”امن 25“ ۾ اٽڪل 60 ملڪ شرڪت ڪندا جيڪي سامونڊي جهازن، هوائي جهازن، اسپيشل آپريشنز فورسز، ڌماڪيدار مواد ڊسپوزل ٽيمز، ميرينز ۽ مبصرن سان گڏ شرڪت ڪندا. سڄي دنيا مان وفد پڻ افتتاحي عالمي امن ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪندا جيڪو مشق سان گڏ منعقد ٿيندو. ترجمان چيو ته امن سيريز علائقائي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي سڃاڻپ آهي، 2007ع ۾ شروع ڪيل افتتاحي مشق ۾ 28 ملڪن شرڪت ڪئي هئي. هن چيو ته 2023ع تائين حصو وٺندڙ ملڪن جو انگ 50 ٿي چڪو هو جن ۾ وڏيون سامونڊي طاقتون پڻ شامل هيون.