اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بجلي جي اگهن ۾ سڌارن بابت اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بجلي ۽ اقتصادي معاملن وارن وزيرن ۽ ناڻي، واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي بجلي واري خاص معاون ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو.