اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته افغانستان مان آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوجن جي انخلا کانپوءِ رهجي ويل هٿيارن جي موجودگي پاڪستان ۽ ان جي شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان افغانستان ۾ رهجي آمريڪي هٿيارن جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته انهن هٿيارن کي ٽي ٽي پي سميت دهشتگرد تنظيمون پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪنديون رهيون آهن. ترجمان چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ڪابل ۾ عملدارن کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته اهي سمورا ضروري قدم کڻن ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته اهي هٿيار غلط هٿن ۾ نه وڃن.