اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان يورپي يونين جي انساني حقن بابت خصوصي نمائندي اولاف اسڪوگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ملاقات دوران سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وڌندڙ تعاون جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. انساني حقن جي حوالي سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ڳالهين جي اهميت تي زور ڏيندي نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان بنيادي حقن جي تحفظ تي پختو يقين رکي ٿو ۽ انساني حقن جي قانونسازي ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ جو عمل جاري رکيو آهي. يورپي يونين جي خصوصي نمائندي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي امڪانن جو مثبت انداز ۾ جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي مسلسل ترقي کي ساراهيو. بيان موجب يورپي يونين جو خصوصي نمائندو پاڪستان جي چئن ڏينهن جي دوري تي آهي. اهو دورو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي انساني حقن تي ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ جي گڏيل ڪوششن جو حصو آهي.