راولپنڊي- 29 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آھي ته آءِ سي سي چيمئينز ٽرافي منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون ڪاميابي سان مڪمل آھن، ٽورنامينٽ کي يادگار بڻائينداسين. پي سي بي طرفان جاري تفصيلن مطابق چيئرمين پي سي بي راولپنڊي ڪرڪٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ چيمپئينز ٽرافي لاءِ اپ گريڊيش پراجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. چيئرمين پي سي بي پويلين، ميڊيا باڪس، وي آءِ پي باڪسز سميت اسٽيڊيم جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ فنشنگ ورڪ جو مشاھدو ڪيو. ھن اپ گريڊيشن پراجيڪٽ جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي ڳالھين دوران ھن چيو ته راولپنڊي اسٽيڊيم جي مرمت جو ڪم آخري مرحلي ۾ آھي جڏھن ته پويلين ۽ ميڊيا باڪس جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي. ھن چيو ته ڊگھي عرصي بعد پاڪستان ۾ آءِ سي سي ٽورنامينٽ منعقد ٿي رھيو آھي. ميگا ايونٽ منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون ڪاميابي سان مڪمل آھن. ھن چيو ته چيمئينز ٽرافي ٽورنامينٽ کي يادگار بڻائينداسين ۽ اميد آھي ته ڪرڪيٽ جي مداحن کي بھترين ڪرڪٽ ڏسڻ لاءِ ملندي. محسن نقوي ٽيمن لاءِ تجويز ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو. چيمپئينز ٽرافي جي شروعات 19 فيبروري کان ٿيندي ۽ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٽي ميچون کيڏيون وينديون. پھرين ميچ 24 فيبروري تي بنگلاديش ۽ نيوزي لينڊ، ٻي ميچ 25 فيبروري تي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جڏھن ته ٽئين ميچ 27 فيبروري تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندي.