اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، پوٺوهار خطي ۽ اتر بلوچستان ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن سان ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. ان دوران اتر اوڀر پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي کان وچولي ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 11، اسڪردو ۾ ڪاٽو 10، استور، گوپس ۾ ڪاٽو 09، هنزه ۾ ڪاٽو 06، بگروٽ، گلگت ۾ ڪاٽو 05، ڪالام ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.