اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ دي ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ اجلاس ۾ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان کي هڪ ڊجيٽل نيشن، سازگار ڊجيٽل سوسائٽي، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم واضح ڪرڻ جو بل دي ڊجيٽل نيشنل بل پاڪستان 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور غور هيٺ آندو وڃي. ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي چيئرمين سيدال خان بل شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو بل پاڪستان کي ڊجيٽلائزيشن طرف آڻڻ لاءِ نئين زماني سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي، قومي اسيمبلي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي مان بل منظور ڪيل آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ بل ۾ پنهنجي ترميم پيش ڪئي جنهن کي حڪومت طرفان رد ڪيو ويو. ايوان بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بل منظور ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.