اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاني خيل ضلعي بنون ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 3 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ 9 کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي پاڪ فوج جي پختي عزم کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي شرپسندن کان ملڪ جي حفاظت ۾ مصروف عمل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.