اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي بنون ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڪارروائي دوران 3 خوارج جهنم ڀيڙو ۽ 9 کي زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج ملڪي سرحدن جي هر وقت حفاظت جي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.