اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي روشني ۾ اسان وٽ پي ٽي آءِ جي مطالبي جو جواب آهي ۽ اڄ اهو جواب ڏنو وڃي ها پر هو آيا ئي نه، اڄ چوٿين اجلاس ۾ جڏهن اسان آيا آهيون ته يقيني طور تي ڪو جواب به کڻي آيا آهيون. هو حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته اسان آيا آهيون ته مُخالف ڌر جي 9 مئي جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي مطالبي تي يقيني طور تي ڪو جواب به کڻي آيا آهيون پر ميڊيا تي هلندڙ خبرن مان خبر پئي ته ڪميٽي جي ميمبرن کي انهن جي باني ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اهو ممڪن نه آهي ته پي ٽي آءِ ڪجهه چئي ڇڏيو ته بس اسان ان جي حق ۾ اعلان ڪري ڇڏيون، ٻي صورت ۾ اهي نه اچن. هن چيو ته منهنجي خواهش هئي ته هو اڄ ايندا، حڪومت جي سوچ مثبت آهي، پر آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ئي مطالبن تي عمل ٿئي ٿو، ڪو حل ڪڍيو وڃي ٿو، 2014ع جو ڌرڻو به اهڙي طرح ڳالهين کانپوءِ ئي ختم ٿيو هو، پر مُخالف ڌر جو اهو رويو مناسب نه آهي. هن چيو ته اميد آهي ته مُخالف ڌر ، اسپيڪر سان ملي نئين تاريخ طئي ڪندي، هڪطرفو بيان ڏيڻ اصول ۽ قاعدي جي خلاف ۽ نامناسب آهي. هڪ سوال تي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته جيڪڏهن هو اڄ اچن ها ته اڳ ۾ اسان اسپيڪر کي جواب پيش ڪريون ها پوءِ انهن کي پڙهي ٻڌايون ها، باقي انهن وانگر ميڊيا تي اڳ ۾ ئي ليڪ ڪري ناهيون آيا، هي هڪ سنجيده معاملو آهي، اسان کي هڪ ٻئي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن هو نه آيا ته معاملو ائين ئي جمود جو شڪار رهندو.