اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله جي علائقي گلستان ۾ 5 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خارجين جي خلاف ڪارروائي ۾ نائيڪ طاهر خان ۽ لانس نائيڪ طاهر اقبال جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وزيراعظم چيو ته قوم کي دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل سيڪيورٽي فورسز جي فرزندن تي فخر آهي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.