اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز کي ضلعي قلعه عبدالله ۾ سيڪيورٽي پوسٽ تي حملو ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف موثر جوابي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي ڪارروائي دوران سمورن 5 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻڻ تي نائيڪ طاهر خان ۽ لانس نائيڪ طاهر اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ملڪي دفاع جي لاءِ هر وقت تيار آهي. هن دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪي سلامتي جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.