اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي تعاون سان ٺٽي ۾ ڌاٻيجي خصوصي اقتصادي زون قائم ڪرڻ لاءِ چيني ۽ مقامي سيڙپڪارن سان معاهدو طعي ٿي ويو آهي. معاهدي سان 03 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيڻ سان گڏوگڏ هڪ لک نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. اي آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق حڪومت ٺٽي شهر ۾ ڌاٻيجي خصوصي اقتصادي زون قائم ڪرڻ لاءِ چيني ۽ مقامي سيڙپڪارن سان هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ڌاٻيجي خصوصي اقتصادي زون کي سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو. ڪراچي جي بندرگاهن ويجهو واقع ڌاٻيجي خصوصي اقتصادي زون عالمي واپاري لنگهه لاءِ بهترين رابطن جو ذريعو هوندو. اهو خصوصي اقتصادي زون مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ اهم مرڪز هوندو. اميد آهي ته ان ۾ 03 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ ان سان اٽڪل هڪ لک نيون نوڪريون پيدا ٿينديون. چين جا واپاري ادارا ڌاٻيجي خصوصي اقتصادي زون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ جا خواهشمند آهن. اهو معاهدو قومي معيشت جي بحالي لاءِ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ صنعتي سهڪار ۾ اهم سنگ ميل تصور ڪيو پيو وڃي.اهو معاهدو پاڪستان جي صنعتي ترقي ۽ معيشت جي بحالي ۾ پڻ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. ڌاٻيجي خصوصي اقتصادي زون جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن، سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ۽ چيني ڪمپنين جي دلچسپي مان ظاهر ٿئي ٿي ته اهو منصوبو نه رڳو روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندو پر ملڪي ايڪسپورٽ ۽ واپاري سرگرمين کي به هٿي وٺرائيندو.