اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ بنا مقابلي چونڊجندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، حسين احمد چوڌري کي صدر، بلال شيخ کي سينيئر نائب صدر، رئوف بزمي کي نائب صدر، راجا شهزاد علي کي جنرل سيڪريٽري، فرح ماهه جبين کي خزانچي، عون رضا کي سيڪريٽري اطلاعات، طاهر نصير کي جوائنٽ سيڪريٽري، عنبرين علي کي جوائنٽ سيڪريٽري فيميل سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن اويس يوسفزئي، ثاقب بشير، حاشر وڙائچ، اسد ملڪ ۽ فرح اعجاز کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته توهان جي ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، عوام تائين صحيح معلومات تائين فراهمي ۾ صحافين اهم ڪردار آهي. وفاقي وزير چيو ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار تمام اهم آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندا ۽ صحافت جو معيار بلند ڪندا.