واشنگٽن-28 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي يو ايس اي ڪرڪيٽ جي سي اي او جوناٿن اٽڪيسن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ڪرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ 03 ملڪي سيريز جي امڪان تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ سيريز ڪرائڻ تي به ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ سيريز ڪرائڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جا ڪرڪيٽ بورڊ سيريز ڪرائڻ جي حوالي سان پرگرام کي حتمي شڪل ڏيندا. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي يو ايس اي ڪرڪيٽ جي سي اي او کي هر ممڪن معاونت جو يقين ڏياريو. محسن نقوي چيو ته آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پي سي بي پنهنجو ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. محسن نقوي آمريڪا جي ڪوچز کي پاڪستان ۾ تيربيت ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي يو ايس اي ڪرڪيٽ جي سي اي او کي چيمپئينز ٽرافي ٽورنامينٽ جون ميچون ڏسڻ لاءِ پاڪستان اچڻ جي پڻ دعوت ڏني. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ جا تمام گهنا موقعا آهن. يو اي اي ڪرڪيٽ جي سي اي او پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپئينز ٽرافي ٽورنامينٽ جون ميچون ڏسڻ جي دعوت تي پي سي بي چيئرمين جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پي ايس ايل جو سي اي او سلمان نصير به موجود هو.