اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ڪارڪن ۽ پارٽي آفيس لاهور جي انچارج سيد حسن اصغر المعروف گڊو شاهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پارٽي قائدين ۽ ڪارڪنن جون سموريون همدرديون سيد حسن اصغر مرحوم جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.